پ پ پاڪستان ۽ مسلم ليگ ن وارا گريٽر پنجاب جي ڳالهه ڪن ٿا:ڊاڪٽر عاصم

47
0
SHARE

ڪراچي: پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر عاصم چيو آهي ته هو پاڪستان جي ڳالهه ڪندا آهن، مسلم ليگ ن وارا گريٽر پنجاب جي ڳالهه ڪن ٿا،ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر عاصم چيو ته سڀني جي سامهون آهي ته نواز شريف ۽ ان جو ڪٽنب ڪهڙي ريت عدالتن آڏو پيش ٿي رهيو آهي؟پ پ اڳواڻ چيو ته هو عدالتن آڏو ڪيئن پيش ٿي رهيو آهي، اهو به دنيا ڏسي پئي، هن جيلن کان ڪيسن کي منهن ڏنو، نواز شريف محلن ۾ ويٺل آهي، ان باوجود چون پيا ساڻن تاريخي جبر ٿي رهيو آهي،ڊاڪٽر عاصم چيو ته هن چيو هو ته 2 پاڪستان آهن، هڪ حصي ۾ رهندڙن جي قسمت خراب ۽ ٻئي حصي ۾ رهندڙن جي قسمت سٺي آهي،پ پ اڳواڻ چيو ته جيڪو ساڻس ٿيو، شريف خاندان سان اهڙو ڪجهه به ناهي ٿيو، ن ليگ جي وڪيلن جي هنگامي سبب فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو،هن چيو ته ن ليگ وارا عدالتن جو احترام ناهن ڪندا، پ پ وارن ڪڏهن به عدالتن اندر گوڙ نه ڪيو ۽ نه ئي ادارن کي نشانو بڻايو.،ڊاڪٽر عاصم چيو ته پهرين به ن ليگ وارن سپريم ڪورٽ تي حملو ڪيو هو، هي ماڻهو اهو ئي ڪندا رهندا، ماڻهن کي ضمانت ملي وڃي ٿي پرپ پ وارا ڪيسن کي منهن ڏيندا رهندا آهن،هن چيو ته ملڪ ۾ ٻٽو نظام آهي، انصاف سڀني لاءِ برابر هجڻ گهرجي، اهو ڏينهن نه آندو وڃي جو عوام روڊن تي اچي وڃي.ڊاڪٽر عاصم چيو ته هي اصل مسلم ليگ نه پر جعلي مسلم ليگ آهي، نيب جو نئون چيئرمين سندس ڪيسن تي نظرثاني ڪري، مٿس لڳايل الزام غلط آهن،پ پ اڳواڻ چيو ته هو ڀڄڻ وارن مان نه آهي، ڪيسن کي منهن ڏيندو، ساڻس ظلم ٿيو آهي، وقت اچڻ تي سڀ ڪجهه ٻڌائيندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here