نيب جي پراسيڪيوشن ٽيم احتساب عدالت ۾ هنگامي جي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي

14
0
SHARE

اسلام آباد: نيب جي پراسيڪيوشن ٽيم شريف خاندان جي پيشي جي موقعي تي احتساب عدالت ۾ هل هنگامي جي رپورٽ هيڊڪوارٽر ۾ جمع ڪرائي ڇڏي،ذريعن موجب اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ مريم نواز ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي پيشي جي موقعي تي ن ليگ لائرز فورم سان تعلق رکندڙ وڪيلن هنگامو ڪيو،نيب جي پراسيڪيوشن ٽيم هيڊڪوارٽر کي معاملي بابت آگاهي ڏني، شروعاتي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هنگامي جي آڙ ۾ پراسيڪيوشن ٽيم تي حملي جي ڪوشش ڪئي وئي،نيب جي شروعاتي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پراسيڪيوشن ٽيم کي ڊائس تان هٽائڻ جي به ڪوشش ڪئي وئي، جنهن دوران سردار مظفر عباسي کي ڌڪا ڏنا ويا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here