نواز شريف ضمانت ٿيڻ کانپوءِ به پرڏيهه نه ٿو وڃي سگهي:سپريم ڪورٽ

36
0
SHARE

اسلام آباد:اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي العزيزا اسٽيل ملز ڪيس ۾ سزا طبي بنيادن تي روڪي ضمانت تي آزادي واري درخواست تي سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي. چيف جسٽس،جسٽس آصف سعيد کوسا جي اڳواڻي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3رڪني بينچ العزيزا ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي طبي بنيادن تي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي جي موقعي تي اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، اڳوڻوقومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ اڳوڻي سڌ سماءَ واري وزير مريم اورنگزيب سوڌو مسلم ليگ ن جي ٻيا اڳواڻ به موجود هئا. عدالت جو چوڻ هو ته ضمانت منظور ٿيڻ کانپوءِ به نواز شريف پرڏيهه وڇي نه ٿو سگهي،عدالت العزيزا اسٽيل ملز ڪيس ۾ نوازشريف کي 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي ۽ اها سزا نوازشريف لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ ڪاٽي رهيو آهي. نوازشريف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ طبي بنيادن تي ضمانت واري درخواست داخل ڪئي هئي،جنهن جي ٻڌڻي جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني تي ٻڌل 2رڪني بينچ ڪئي،عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ درخواست کي رد ڪري ڇڏيو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here