آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو نيب ۾ حاضر ٿي  بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو

29
0
SHARE

اسلام آباد:اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مني لانڊرنگ ڪيس ۾ نيب جي گڏيل جاچ ٽيم اڳيان پيش ٿي بيان ريڪارڊ ڪرائي ڇڏيو.  نيب جعلي اڪائونٽن ذريعي مني لانڊرنگ ۽ پارڪ لين ڪمپني بابت پڇاڳاڇا لاءِ ٻنهي کي اڄ نيب هيڊ ڪوارٽرز طلب ڪيو هو.  آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري نيب هيڊ ڪوارٽر جي عمارت ۾ داخل ٿيا ته کانئن پنجن، پنجن ميمبرن تي ٻڌل نيب جي ٻن ٽيمن ڌار ڌار پڇاڳاڇا ڪئي ۽ اٽڪل هڪ ڪلاڪ تائين سوال ۽ جواب ڪيا ويا. ذريعن موجب آصف علي زرداري کان زرداري گروپ بابت پڇا ڳاڇا ڪئي وئي جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري کان پارڪ لين ڪمپني جي قرض بابت سوال ڪيا ويا جنهن تي هن اڻڄاڻائي جو اظهار ڪيو.  ذريعن موجب جاچ ٽيمن ۾ گڏيل طور تي 10 آفيسر شامل آهن ۽ چار آفيسر ڪيسن جي نگراني ڪري رهيا آهن جڏهن ته ڊي جي نيب راولپنڊي عرفان نعيم منگي ٻنهي ٽيمن جي جاچ جو نگران آهي. آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي پيشي جي موقعي تي  نيب هيڊ ڪوارٽر ٻاهران سيڪيورٽي جا اتنهائي سخت انتظام ڪيا ويا آهن، نيب آفيس ويندڙ سمورا رستا بند ڪيا ويا آهن جڏهن ته ان باوجود نادرا چوڪ تي موجود پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن سموريون رڪاوٽون هٽائي ڇڏيو ۽ جيالا سيڪيورٽي رڪاوٽون ٽوڙيندي نيب هيڊ ڪوارٽر پهچي ويا.  پوليس ڪارروائي ڪندي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي پڻ گرفتار ڪري ورتو آهي.  جيالن وفاقي حڪومت ۽ شيخ رشيد خلاف ڇتي نعريباري ڪئي ۽ نيب آفيس اڳيان وفاقي وزير عمر ڪياني جي گاڏي کي روڪي ورتو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here