لاڙ جي لال سمن سرڪار جو ميلو پڄاڻي تي پهتو

113
0
SHARE

پنگريو: پنگرئي ۾ لاڙ جي لال سمن سرڪار جو ميلو پڄاڻي تي پهچي ويو، ملهه پهلوانن کي بوسڪي جا پٽڪا، شيلڊون ۽ ٻيا انعام ڏنا ويا،ستن ڏينهن دوران سنڌ جي ثقافتي راند ملاکڙي ۾ پهرين، ٻئين ۽ ٽئين جوڙ جي پهلوانن جي مان ۾ تقريب ڪوٺائي وئي،تقريب دوران ميلا ڪميٽي جي اڳواڻن منٺار دلواڻي ۽ اڪبر دلواڻي پاران ملهه پهلوان محمد شريف موسيپوٽو، منظور ڀٽي ۽ حاجي عبدالله کور کي ملاکڙي دوران مخالفن کي  دسي ڪاميابي ماڻڻ تي سمن سرڪار ايوارڊ سان نوازيو ويو،تقريب دوران ملهه آرگنائيزيشن جي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ثقافت کاتي طرفان پهلوانن جي سار سنڀال نه لهڻ سبب تاريخي راند ختم ٿيندي پئي وڃي. سندن چوڻ هو ته سنڌ ۾ ميلن ۽ ملاکڙن ۾ ملھه پهلوان پاڻ مرادو مقابلا ڪرائي ثقافتي راند کي جاري رکيو پيا اچن پر ثقافت کاتي طرفان کين ڪا به موٽ نٿي ملي. جنهن ڪري پهلوان مايوسي جو شڪار ٿي رهيا آهن.هنن وڌيڪ چيو سرڪاري سطح تي ملاکڙي جي سرپرستي نه ٿيڻ سبب تاريخي راند  ختم ٿيندي پئي وڃي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here