هنگامي ۾ ڪو سياسي ڪارڪن يا اڳواڻ ملوث ناهي، جاچ ڪرائي ويندي:طلال چوڌري

35
0
SHARE

اسلام آباد: گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته احتساب عدالت ۾ ٿيل هنگامي ۾ ڪو سياسي ڪارڪن يا اڳواڻ ملوث نه آهي، واقعي جي جاچ ڪرائي ويندي،اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي طلال چوڌري چيو ته عدالت ۾ ٿيل واقعو افسوسناڪ آهي، واقعي جي جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي ته جيئن ٻيهر اهڙا واقعا نه ٿين،هن چيو ته هجوم سبب وڪيل کي ڌڪ لڳو، اهو واقعو عدالت ۾ نه پر ٻاهر روڊ تي پيش آيو، سڀ کان وڌيڪ ضروري عدالت جو احترام ۽ ان جي ڪارروائي آهي،طلال چوڌري چيو ته سڀني کي ذميواري جو احساس ڪرڻ گهرجي ته عدالتي ڪارروائي ۾ رنڊڪ نه اچي،مملڪتي گهرو وزير چيو ته سندن ڪجهه ذميوار عدالت اندر وڃن ٿا، باقي ٻاهر رڪجي ويندا آهن، ان باوجود هو وڪيلن ۽ بار سان گڏجي ويهي حڪمت عملي جوڙيندا،هن چيو ته پاڪستان اونداهين کان روشنين ڏانهن وڃي رهيو هو پر اهڙو ماحول جوڙيو پيو وڃي ته ملڪ کي غير مستحڪم ٿئي، نواز شريف جي ناهلي جي فيصلي کانپوءِ عدم استحڪام ته ٿيڻو هو،طلال چوڌري چيو ته نواز شريف جي نااهلي سبب معيشت تي اثر پئجي رهيا آهن، سي پيڪ خطري ۾ نظر اچي رهيو آهي، سيڙپڪار به پريشان آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here