سکر ۾ درگاهه فتح پور تي آپگهاتي حملي خلاف صوفي فنڪارن جو راڳ ڳائي احتجاج

78
0
SHARE

سکر: سکر ۾ درگاهه فتح پور تي ٿيل آپگهاتي حملي خلاف صوفي فنڪارن پاران راڳ ڳائي احتجاج ڪيو ويو،مهتاب علي شاهه، فقير عرض محمد لغاري، فقير امداد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ صوفي فنڪارن ۽ تصوف جي پيروڪارن پريس ڪلب اڳيان گڏ ٿي صوفي راڳ ڳائي انوکو احتجاج ڪيو،ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته صوفي ازم انسانيت سان محبت جو درس ڏئي ٿو جيڪا ڳالهه انسانيت جي ويرين کي پسند ناهي جنهن ڪري هو درگاهن کي دھشتگري جو نشانو بڻائي معصوم ماڻھن جو خون وھائي  رهيا آهن،ھنن چيو هو امن لاءِ صوفي راڳ ڳائي ماڻهن کان محبت حاصل ڪري رهيا آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here