خيرپور ۾ مذهب تبديل ڪري پسند جي شادي ڪندڙ ناري آرتي جي اغوا جو ڪيس نوجوان حسنين سوڌو 5 جوابدارن خلاف داخل

29
0
SHARE

خيرپور ۾ مذهب تبديل ڪري پسند جي شادي ڪندڙ ناري آرتي جي اغوا جو ڪيس نوجوان حسنين سوڌو 5 جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته نوجوان حسنين ۽ ناري آرتي (عليزه فاطمه) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت پهچي ويا آهن. اي سيڪشن ٿاڻي تي مذهب تبديل ڪري شادي ڪندڙ ناري آرتي (عليزه فاطمه) جي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ناري جي چاچي سنتوش مل جي فرياد تي نوجوان حسنين سوڌو 5 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو. ڪيس ۾ فريادي موقف اختيار ڪيو آهي ته حسنين ۽ 4 اڻڄاتل جوابدارن سندس ڀائٽيءَ کي اغوا ڪيو آهي. ٻئي پاسي مذهب تبديل ڪري شادي ڪندڙ ناري آرتي (عليزه فاطمه) مڙس حسنين سوڌو ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت ۾ پيش ٿي وئي آهي. ناري اعظم ڪالوني جي رهواسڻ ۽ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ڪيميسٽري شعبي جي ٿرڊ ايئر جي شاگردياڻي آهي، جنهن نوجوان سان هُن مسلمان ٿي شادي ڪئي آهي، اُهو نوجوان حسنين سندس ڪلاس فيلو آهي. ناري آرتي جي مسلمان ٿيڻ بعد سندس نالو عليزه فاطمه رکيو ويو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here