بدقسمتيءَ سان انصاف جو شعبو پارليامينٽ جي ترجيحن ۾ شامل ناهي:چيف جسٽس

47
0
SHARE

سپريم ڪورٽ جَي چيف جسٽس، جسٽس آصف سعيد کوسا چيو آهي ته بدقسمتيءَ سان انصاف جو شعبو پارليامينٽ جَي ترجيحن ۾ شامل ناهي، پارليامينٽ ۽ انتظاميا کي پڻ عدليا جيان انصاف جَي شعبي ۾ بهتريءَ جِي ذميواري سنڀالڻي پوندي.

اسلام آباد ۾ وفاقي جوڊيشل ڪميشن ۾ تُرت انصاف ڏيڻ جَي حوالي سان ڪانفرنس کي خطاب ڪندي جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته برطانيا ۽ ٻين ملڪن ۾ ڪيسن جَي فيصلن لاءِ وقت مقرر ڪيو ويندو آهي.

هن چيو ته امريڪا ۽ برطانيا جِي سپريم ڪورٽس هڪ سال ۾ 100 ڪيسن جا فيصلا ڪنديون آهن، پاڪستان جِي سپريم ڪورٽ هڪ سال ۾ 26 هزار ڪيسن جا فيصلا ڪيا.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان جِي عدليا جَي 3 هزار ججز گذريل سال 34 لک ڪيسن جا فيصلا ڪيا، تُرت ۽ سستو انصاف ڏيڻ عدليا جِي ذميواري آهي، جڏهن ته ماڊل ڪورٽس جَي قيام جو مقصد تُرت ۽ سستو انصاف ڏيڻ هو.

چيف جسٽس چيو ته ماڊل ڪورٽس هڪ مقصد تحت قائم ڪيون ويون هيون، ماڊل ڪورٽس جو تجربو آئين جَي آرٽيڪل 37 ڊي تي عمل ڪرڻ آهي، ماڊل ڪورٽس جو مقصد دير جو ڪارڻ بڻجندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ آهي.

جسٽس آصف سعيد کوسا وڌيڪ چيو ته هُو جڏهن کان جج بڻيو آهي، سندس مقصد تُرت انصاف ڏيڻ رهيو آهي، جوڊيشل پاليسي تحت ڪيسن لاءِ وقت مقرر ڪيو ويندو، ڪيسن ۾ دير ختم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيو پيو وڃي.

هن چيو ته پوليس کي ڪيسن جِي تُرت جاچ ڪري چالان پيش ڪرڻ گهرجي، ڪيسن جو وقت مقرر ڪرڻ سان انصاف ڏيڻ آسان بڻجي ويندو، ڪنهن سبب جَي ڪري وڪيل پيش نه ٿيڻ تي جونيئر کي مقرر ڪيو ويندو.

سندس چوڻ هو ته ڪيميڪل ايگزامينر ۽ فرانزڪ اٿارٽيز جي رپورٽس کي مقرر وقت تي پيش ڪرڻ کي يقيني بڻائڻو پوندو، جوڊيشل پاليسي بهتر بڻائڻ لاءِ سفارشون ۽ ترميمون پارليامينٽ ۾ پيش نه ڪيون ويون.

چيف جسٽس، جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته عدالتي قانون واضح آهن، رڳو اُنهن کي سمجهڻ جِي ضرورت آهي، ملڪي قانونن ۾ انساني حقن کي نظر آڏو رکيو ويندو آهي……….

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here