نيب عليم خان جي حوالي سان وفاقي وزير فواد چوڌري جي بيان جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

18
0
SHARE

نيب عليم خان جي حوالي سان وفاقي وزير فواد چوڌري جي بيان جو نوٽيس وٺندي چيو آهي ته جائزو وٺنداسين ته ڪٿي فواد چوڌري نيب جي معاملن ۾ مداخلت ته نٿو ڪري. وفاقي وزير فواد چوڌري سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪندي چيو هو ته عليم خان جو ڪيس ايڏو سنگين نه آهي، جيڪڏهن اربين رُپيا کائي ويندڙ جوابدارن کي ايڏو سولائيءَ سان سزا ملي سگهي ٿي ته هڪ ڪاروباري ماڻهو (عليم خان) کي ضمانت ملڻ گهرجي، جڏهن ته مٿس سرڪاري خزاني کي نقصان پهچائڻ جو به الزام نه آهي. بيان ۾ فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته عام تاثر آهي ته اپوزيشن جي گوڙ سبب عليم خان کي نه ڪيل ڏوهه جي سزا ڏني پئي وڃي. نيب جي ترجمان بيان جاري ڪندي چيو آهي ته نيب وفاقي وزير فواد چوڌري جي بيان جو نوٽيس ورتو آهي ۽ سندس هاڻوڪي توڙي ماضي وارن بيانن جو جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ترجمان چيو ته جائزو وٺنداسين ته فواد چوڌري ڪٿي نيب جي معاملن ۾ مداخلت ته نٿو ڪري.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here