ڪٺ پتلي جي فلسفي کي گهوٽڪي ۽ پاڪستان جي عوام رد ڪري ڇڏيو:بلاول ڀٽو زرداري

21
0
SHARE

پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪٺ پتلي جي فلسفي کي گهوٽڪي ۽ پاڪستان جي عوام رد ڪري ڇڏيو.

گهوٽڪي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته مهانگائي جي سوناميءَ عوام جي زندگي عذاب بڻائي ڇڏي، عوام رليف چاهي ٿو.

سندس چوڻ هو ته عوام چاهي ٿو ته هڪ ڪروڙ نوڪرين ۽ 50 لک گهرن جو واعدو پورو ٿئي،جيڪڏهن عوام سان ڪيل واعدا پورا نه ڪيا ويا ته پوءِ پ پ عوام جو ساٿ ڏيندي،

هن وڌيڪ چيو ته هــُو خوش آهي ته عمران خان سنڌ کي ايترو وقت ڏئي رهيو آهي ۽ هتي اچي جلسا ڪري رهيو آهي، عمران خان سنڌ اچي ۽ بار بار اچي پر هتان اچي عوام کي دوکو نه ڏئي.

پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته وزيراعظم هتي اچي سنڌ جي عوام جا حق کسڻ جي ڪوشش نه ڪري.

سندس چوڻ هو ته ڪٺ پتلي جي فلسفي کي گهوٽڪي ۽ پاڪستان جي عوام رد ڪري ڇڏيو، سنڌ جي عوام پ پ جي مقابلي ۾ سمورين جماعتن کي رد ڪيو.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مخالف ڌانڌلي ۽ سمورين سازشن باوجود سنڌ ۾ اليڪشن نه کٽي سگهيا.

سندس چوڻ هو ته هـُو ڪراچي جو پٽ آهي ڪراچي ۾ پيدا ٿيو هتان جا مسئلا حل ڪرڻ چاهي ٿو، ايم ڪيو ايم وٽ ماضي ۾ ڪي ايم سي رهي، سمورا اختيار به هئا پر ان ڪجهه نه ڪيو، ايم ڪيو ايم کي ماضي جي سياست ڇڏڻي پوندي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here