ڪوئيٽا ۾ آپگهاتي بم ڌماڪو، احتجاجي ڌرڻو ختم

26
0
SHARE

هزار گنجي آپگهاتي حملي خلاف باءِ پاس تي هزاره برادري پاران هنيل ڌرڻو ٽئين ڏينهن به جاري رهيو. مظاهرين پاران مطالبن جي مڃتا تائين ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو. گذريل ڏينهن آءِ جي ايف سي ميجر جنرل فياض حسين شاهه بولان ميڊيڪل ڪامپليڪس ۾ هزا گنجي ڌماڪي ۾ زخمين جي عيادت ۽ کين ملندڙ طبي سهوليتن جو معائنو ڪيو. ڪوئٽه جي ڏورانهين علائقي هزار گنجي ۾ ٿيندڙ خودڪش حملي جو ڪيس ايس ايڇ او جي مدعيت ۾ نامعلوم ماڻهن مٿان داخل ڪيو ويو. پوليس موجب ڌماڪي جو ڪيس سي ٽي ڊي ٿاڻي ۾ ايس ايڇ او شالڪوٽ جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو آهي. پوليس ۽ ايف سي اهلڪارن جي وڏي تعداد ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ موجود آهي. ڌرڻي سبب ڪوئٽه باءِ پاس بند پيل آهي جنهن سبب ٽريفڪ جي اچ وڃ متاثر ٿي رهي آهي. بلوچستان جي گهرو وزير جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ هر ڪميونٽي جا ماڻهو متاثر ٿيا آهن، ڪنهن به مخصوص ڪميونٽي کي نشانو ناهي بڻايو ويو. ڌماڪي ۾ سڀني کان وڌيڪ هزارا ڪميونٽي جا ماڻهو متاثر ٿيا آهن. گهرو وزير پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته ڌماڪو خودڪش هو، مظاهرين جو چوڻ ته هر ڀيري ۽ هر حڪومت ۾ هزاره برادري کي نشانو بڻايو ويندو آهي، اسان سان ڳالهين لاءِ ڪو وڏو ذميوار ماڻهو ناهي آيو، مطالبن جي مڃتا تائين ڌرڻو جاري رکيو ويندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here