سکر ۾ واٽر سپلاءِ جي تلاءُ ۾ 2 نينگر ٻڏي فوت ٿي ويا

27
0
SHARE

سکر ۾ واٽر سپلاءِ جي تلاءُ ۾ 2 نينگر ٻڏي فوت ٿي ويا. مائيڪرو ڪالوني جا رهواسي نينگر سائيڪل تي وڃي رهيا هئا ته واٽر سپلاءِ جي تلاءُ ۾ ڪِري پيا، جنهن بعد ٻئي نينگر 9 ورهين جو رافع ولد بهادر قريشي ۽ 9 وهين جو عرفان ولد طالب قريشي ٻُڏي فوت ٿي ويا. اطلاع ملڻ تي نينگرن جا وارث پهتا ۽ لاش واهه مان ڪڍيا. جنهن کانپوءِ لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا. اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد نينگر وارثن لاش وصول ڪيا ۽ جيئن ئي لاش ڳوٺ پهتا ته ڪهرام برپا ٿي ويو. نينگرن جي وارثن مائيڪرو ڪالوني ۾ لاش رکي احتجاجي مظاهرو ڪيو. متاثرن جو چوڻ هو ته 8 سال گذرڻ باوجود تلاءُ کي چوديواري ناهي ڏني وئي، انتظاميا کي ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪيون پر ڪوبه ڌيان نه ڏنو ويو، نتيجي ۾ ساڻن ايڏو ظلم ٿيو آهي. مظاهرين نينگرن جي فوت ٿيڻ جو ڪيس ميئر سوڌو ميونسپل انتظاميا خلاف داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here