لاڙڪاڻي ڀرسان راند کيڏڻ دوران ٻه معصوم ڀائر گهاڙ واهه ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا

14
0
SHARE

 لاڙڪاڻي ڀرسان راند کيڏڻ دوران ٻه معصوم ڀائر گهاڙ واهه ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا. ڳوٺ حسين آباد جا رهواسي ڀائر نينگر راند کيڏي رهيا هئا ته گهاڙ واهه ۾ ٻڏي ويا، نتيجي ۾ ٻئي ڀائر 12 ورهين جو عبدالقيوم ۽ 7 ورهين جو غفار پُٽ حاجي حسن مگسي واهه ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا. اطلاع ملڻ تي نينگرن جا وارث ۽ علائقي واسي پهتا، جِن واهه مان لاش ڪڍي اسپتال منتقل ڪيا. اسپتال ۾ ضروري ڪارروائي بعد نينگرن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. هڪ ئي وقت 2 جگرا جا ٽڪرا ٻڏي فوت ٿيڻ تي نينگرن جي امڙ کي صدمي ۾ بيهوشيءَ جا دورا پوڻ لڳا، جڏهن ته ڳوٺ ۾ به سوڳ جي لهر پکڙجي ويئي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here