دنيا جي مختلف ملڪن ۾ سوشل ميڊيا ايپليڪيشنز ڊائون ٿي ويون

32
0
SHARE

دنيا جي مختلف ملڪن ۾ سوشل ميڊيا ايپليڪيشنز ڊائون ٿي ويون، پاڪستان سوڌو ٻين ملڪن ۾ لکين واهپيدارن کي سوشل ميڊيا تائين پهچ حاصل ڪرڻ ۾ ڏُکيائيون پيش آيون. دُنيا جون مشهور سماجي رابطن واريون ويبسائيٽس فيس بُڪ، واٽس ايپ ۽ انسٽا گرام جون ايپليڪيشنز فني خرابي سبب ڊائون ٿي ويون آهن. امريڪا، برطانيا، پاڪستان، ڀارت ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ سوشل ميڊيا جا لکين صارفين کي سوشل ميڊيا جي ايپليڪيشنز تائين پهچ ۾ فني ڏکيائيون پيش آيون آهن. برطانوي خابرو اداري جي رپورٽ موجب امريڪا سوڌو يورپي ملڪن ۾ هزارن جي تعداد ۾ فيس بُڪ استعمال ڪندڙن کي پنهنجي آءِ ڊي لاگ اِن ڪرڻ وقت يا ته مڪمل بليڪ آئوٽ جو آپشن اچي رهيو آهي يا وري لاگ اِن ٿيڻ وقت مختلف اِررز اچي رهيا آهن.
امريڪي خابرو اداري جي رپورٽ موجب فيس بُڪ انتظاميا جو چوڻ آهي ته فني خرابي سبب سموري دُنيا ۾ 24 ڪلاڪن تائين سوشل ويبسائيٽ جي بندش ٿي وئي، ڪنفگيوريشن تبديل ڪرڻ جي ڪري مسئلا پيد اٿيا، جنهن جي نتيجي ۾ سندن سوشل ميڊيا ايپليڪيشنز جون خدمتون حاصل ڪرڻ ۾ صارفين کي ڏُکيائيون پيش آيون. فيس بُڪ انتظاميا جي ترجمان ويبسائيٽ، آءِ ڊيز يا ايپليڪيشنز هيڪ ٿيڻ وارن افواهن کي رد ڪندي چيو ته اسان فني خرابي کي ختم ڪري رهيا آهيون، گڏوگڏ ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته اُڻ جا ڪارڻ ڪهڙا آهن، جيئين ئي ڪارڻن جو پتو پوندو، سموري دُنيا ۾ موجود صارفين کي آگاهه ڪيو ويندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here