ڪراچي ۾ تيز هوائون گهـُلڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان

23
0
SHARE

موسميات کاتي سڀاڻي ۽ اڱاري تي ڪراچي ۾ تيز هوائون گهـُلڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان ڏيکاريو آهي.

موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر سردار سرفراز موجب ايران ۾ ٺهندڙ سسٽم سڀاڻي کان ڪراچي ۾ اثر ڏيکاريندو جنهن ڪري شهر ۾ تيز هوائون گهـُلڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته شهر ۾ سڀاڻي هلڪي ۽ اڱاري تي گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب اولهه هوائن جي سسٽم جو اپريل ۾ اثر انداز ٿيڻ پنهنجي نوعيت جي انوکي سرگرمي آهي ڇو ته اولهه هوائن جو سسٽم سياري ۾ ايندو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here