حيدرآباد بورڊ جو ڪارنامو، شاگردن جي سلپن تي ڇوڪرين جا نالا

34
0
SHARE

حيدرآباد تعليمي بورڊ جو ڪارنامو: انٽرميڊيٽ جي شاگردن جي سلپس ۾ جنسون ئي تبديل ڪري ڇڏيون. انٽر جي ساليانن امتحانن لاءِ تعليمي بورڊ طرفان شاگردن کي جاري ڪيل سلپس ۾ وڏي پئماني تي غلطيون منظرعام تي اچي ويون آهن. ٽنڊي ڄام جي نور شاهه ڊگري ڪاليج جي شاگردن جي سلپس ۾ شاگردياڻين جا نالا ۽ شاگردياڻين جي سلپس ۾ شاگردن جا نالا شامل ڪيا ويا آهن. شاگردن جي تصويرن سان جاري ٿيل سلپس ۾ ثمينا، سبينا ۽ ڌياڻي جا نالا لکيا ويا آهن. ساليانن امتحانن ۾ هڪ ڏينهن هجڻ ڪري شاگرد ڳڻتين ۾ وٺجي ويا، جڏهن ته ڪاليج انتظاميا جا مٿي تي هٿ اچي ويا آهن. ڪاليج انتظاميا جو چوڻ آهي ته تعليمي بورڊز طرفان هر سال اهڙي قسم جون غلطيون ڪيون ويون آهن، هاڻ شاگردن کي سلپس ڪيئن ڏيون، خميس ڏينهن کان پيپر شروع ٿي رهيا آهن، ايڏي ٿوري عرصي ۾ ڪيئن معاملا سنڀاليون.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here