ڪراچي ۾ پوليس گردي،اهلڪارن جي فائرنگ ۾ معصوم ٻارڙو مارجي ويو، سندس پيءُ زخمي

25
0
SHARE

ڪراچي ۾ يونيورسٽي روڊ تي صفوران چورنگي وٽ پوليس اهلڪارن جي فائرنگ ۾ ڏيڍ سال جو نينگر مارجي ويو ۽ سندس پيءُ زخمي ٿي پيو، جڏهن ته وڏي وزير واقعي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ گهـُري ورتي آهي.

يونيورسٽي روڊ تي صفوران چورنگي ڀرسان پوليس اهلڪارن رڪشا تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 19 مهينن جو ٻارڙو محمد احسن شيخ مارجي ويو ۽ سندس پيءُ ڪاشف گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو.

نينگر جي پيءُ ڪاشف شيخ موجب جيئن ئي هـُو شاپنگ سينٽر مان شاپنگ ڪري رڪشا ۾ ويٺا ته پوليس کي فائرنگ ڪندي ڏٺو ۽ ڪجهه ديرکانپوءِ ٻارڙي کي رت لڳل ڏٺو.

نينگر جي پيءُ موجب سندس پٽ جو موت سيني ۾ گولي لڳڻ ڪري ٿيو آهي.

ٻئي پاسي وڏي وزير جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ته آهي ته وڏي وزير مراد علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي.

سيد مراد علي شاهه واقعي بابت اَي آءِ جِي ڪراچي کان صفوران واقعي بابت رپورٽ به گهري ورتي آهي….

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here