بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ برسات کانپوءِ آيل ٻوڏ سبب ٻن ٻارن سوڌو 26 ڄڻا فوت

24
0
SHARE

بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ برسات کانپوءِ آيل ٻوڏ سبب ٻن ٻارن سوڌو 26 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

ايران کان آيل هوائن جي سسٽم سبب بلوچستان ۾ جمعي کان شروع ڪيل برسات جو سلسلو رڪجي ويو آهي.

زوردار برساتن سبب مختلف علائقن ۾ ٻوڏ واري صورتحال آهي جڏهن ته ڪيترن ئي علائقن ۾ جاني ۽ مالي نقصان ٿيا آهن.

مستونگ ۾ برسات سبب ويگن ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ 15 ڄڻا فوت ۽ 7 زخمي ٿي پيا.

بولان جي علائقي ڀاڳ ۾ زوردار برسات سبب هڪ گهر جي ڇت ڪِري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ٻارڙا فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا.

مسلم باغ ۾ برسات دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب 2 ڄڻا فوت ٿيا.

تيز برسات کانپوءِ شهر ۾ سيوريج جو نظام به درهم برهم ٿي ويو آهي جڏهن ته روڊن تي برسات ۽ سيوريج جو پاڻي جمع ٿيڻ سبب ٽريفڪ جي رواني به متاثر آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here