ڪراچي ۾ پوليس جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل ٻارڙي جي والدين مقابلي واري دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو

16
0
SHARE

ڪراچي ۾ پوليس جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل ٻارڙي جي والدين مقابلي واري دعويٰ کي رد ڪندي پوليس اهلڪارن سڌي فائرنگ ڪئي ۽ پوءِ ڏٺو به نه ته ڪنهن کي لڳي، اسان پاڻ ڏٺو هو ته پوليس اهلڪارن فائرنگ ڪئي هئي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پوليس جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل ٻارڙي جي والد ڪاشف راجا ۽ سندس گهر واري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس اسان جي مرضيءَ سان ڪيس داخل ناهي ڪيو، سچل ٿاڻي جي پوليس اسان کي ٿاڻي تي گهرايو ۽ چيو ته ڪيس جي ڊرافٽ تي صحيح ڪريو. سندن چوڻ هو ته کين خبر ئي ناهي ته ايف آءِ آر جي متن ۾ ڇا لکيو ويو آهي، جڏهن ته اسان جو ٻارڙو پوليس اهلڪارن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيو آهي. مقتول ٻارڙي احسن جي والدين چيو آهي ته واپس گهر وڃي رهيا هئاسين ته صفوران چورنگي ڀرسان سامهون کان پوليس اهلڪار رانگ ۾ اچي رهيا هئا، ٻن موٽر سائيڪلن تي 4 پوليس اهلڪار ويٺل هئا، پوليس اهلڪار اسان جي ويجهو ايندي ئي فائرنگ ڪري ڏني. والدين خدشو ظاهر ڪيو آهي ته پوليس پنهنجي پٽي ڀائين کي بچائڻ لاءِ جاچ کي لڪائي رهي آهي، اسان کي ته پوليس اهلڪارن جي حوالي سان به ڪجهه ناهي ٻڌايو ويو. نينگر جي والدين چيو ته پوليس اهلڪارن اسان جي اڳيان فائرنگ ڪئي، ڪوبه مقابلو نه ٿي رهيو هو، پوليس اهلڪارن فائرنگ ڪرڻ کانپوءِ اهو به نه ڏٺو ته گولي ڪنهن کي لڳي، هن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ سُپريم ڪورٽ جي چيف جسٽسز کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here