آءِ جي سنڌ ٻارڙي احسن جي قتل واري معاملي تي معافي وٺي ڇڏي

32
0
SHARE

آءِ جي سنڌ ٻارڙي احسن جي قتل واري معاملي تي معافي وٺي ڇڏي. ڪراچي ۾ آءِ جي سنڌ جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پوليس جي سينيئر آفيسرز کان ايس ايڇ او تائين سمورن آفيسرز شرڪت ڪئي. اجلاس دوران پوليس کي ڪارورائين دوران احيتاطي اپاءَ وٺڻ جي هدايت ڪئي وئي. اجلاس بعد پريس ڪانفرنس ڪندي آءِ جي سنڌ چيو ته گذريل ڏينهن ٻارڙي احسن جي قتل واري واقعي تي معافي وٺان ٿو، ذميوار اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي آهي. هُن چيو ته اهڙا واقعا برداشت جوڳا نه آهن پر صوبي جي امن امان لاءِ پوليس جي قربانين کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي. آءِ جي سنڌ چيو ته پوليس جي قربانين سان امن امان بحال ٿيو آهي، غلطيون به ٿين ٿيون ۽ اُن کي تسليم ڪندي سُڌارڻ جي ڪوشش به ڪري رهيا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ آءِ جي سنڌ چيو ته پوليس سنڌ سرڪار جي ماتحت آهي ۽ قانون موجب پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي. آءِ جي سنڌ ڪليم امام سنڌ سرڪار يا وڏي وزير سان اختلافن بابت سوالن جا جواب نه ڏنا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here