پوليس ۾ بيحسي ۽ ڏوهي ذهنيت نظر اچي وئي آهي:وڏو وزير

32
0
SHARE

سنڌ جي وڏي وزير چيو آهي ته پوليس ۾ بيحسي ۽ ڏوهي ذهنيت نظر اچي وئي آهي، اُنهن اسپتالن خلاف ڪارروائي ڪنداسين، جيڪي سمجهن ٿيون ته کين قتل جو لائسنس ملي ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي ۾ ڊاڪٽرز جي غلط انجيڪشن لڳڻ سبب معذور ٿيل معصوم ٻارڙي نِشوا جي عيادت ۽ وارثن سان ملاقات ڪئي. وڏي وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٻارڙي جي والدين زور ڀريو ته اهڙين اسپتالن خلاف ڪارروائي ڪريو، جن کي ڄڻ ته قتل جو لائسنس ملي ويو آهي. هن چيو ته نشوا معاملي ۾ پوليس جي بيحسي ۽ غفلت نظر آئي آهي، پوليس آزاد آهي ۽ هيل تائين آئون انتظار ڪري رهيو هئس ته پوليس ڪهڙو ڪم ڪري ٿي، افسوس جو هيل تائين پوليس هن معاملي ۾ ڪجهه به ناهي ڪيو. پوليس ۾ بيحسي ۽ ڏوهي ذهنيت نظر آئي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته وفاقي سرڪار پوليس ۾ مداخلت جو لفظ غلط نموني استعمال ڪري رهي آهي، صوبي ۾ ڪنهن کي به مداخلت جي اجازت نه ڏيندي ۽ حڪومت امن امان جو مسئلو ٿيڻ تي هدايتون جاري ڪندي آهي. پوليس جي گولي جو شڪار ٿيڻ بعد قتل ٿيل ٻارڙي احسن جي والدين سان تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته پوليس سنڌ سرڪار جي ماتحت آهي پر قانون ۾ ڪجهه اهڙيون تبديليون ڪيون ويون، جنهن سان مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن. هن چيو ته پوليس آزاد آهي، پر اُن جو مقصد اهو ناهي ته جيئن وڻيس ته تيئن ڪري. انتهائي افسوس جي ڳالهه آهي جو هڪ ماڻهو شهر مان سيڌو وٺڻ ويو ته پوليس اُن تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني. جيڪڏهن ڪجهه ڪريون ٿا ته چون ٿا سياسي مداخلت ٿي رهي آهي، سياست ڪرڻ جو مئنڊيٽ اسان کي عوام ڏنو آهي، پوليس کان رپورٽ گهُري آهي، جيئن ئي رپورٽ ملي ته ڪارروائي ڪئي ويندي، ٻارڙي جي والدين کي چيو آهي ته هو پنهنجي مرضيءَ سان ايف آءِ آر داخل ڪرائي، اسان والدين کي انصاف ڏيارينداسين.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here