وزيراعظم عمران خان نئين پاڪستان هائوسنگ اسڪيم جو افتتاح ڪري ڇڏيو

13
0
SHARE

وزيراعظم عمران خان نئين پاڪستان هائوسنگ اسڪيم جو افتتاح ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته هي منصوبي جي شروعات آهي، سڄي ملڪ ۾ اهڙيون اسڪيمون شروع ڪيون وينديون.

اسلام آباد ۾ نيا پاڪستان هائوسنگ اسڪيم جي افتتاحي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ وزيراعظم عمران خاص مهمان طور شرڪت ڪري اسڪيم جو افتتتاح ڪيو.

افتتاحي تقريب دوران عمران خان خطاب ڪندي چيو ته سندس حڪومت جي پهرين ڏينهن کان ويزن پڌرو آهي ته هو پاڪستان کي هڪ اسلامي فلاحي رياست بنائڻ چاهي ٿو، سولو هجي ها ته 70 سالن ۾ سڀ ڪري وٺن ها

هن چيو ته فلاحي رياست ٻي رياست ۾ اهو ئي فرق هوندو آهي ته رياست پنهنجي ڪمزور طبقي جي ذميواري کڻندي آهي، ۽ هيٺئين طبقي جي ماڻهن کي کڻڻ سندن ويزن آهي.

وزيراعظم چيو ته اسان نبي ڪري ﷺ جي ڏسيل رستي تي هلڻ چاهيون ٿا، ۽ اهو ئي رستو زندگي جو مقصد آهي، نبي ڪريم جن انسانيت جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪيو، ۽ جيڪو انهن ڪم ڪيو ٻئي ڪنهن به نه ڪيو، هو انهي رستي تي هلڻ چاهي ٿو.

عمران خان چيو ته 50 لک گهرن جو ٽارگيٽ وڏو آهي پر سيڙپڪارن جون ڊگهيون لائينون لڳل آهن.

هن چيو ته وٽن پيسا نه آهن، بينڪ ڪرپٽ آهن، 10 سالن ۾ جيڪا لٽ ڦر هئي، ان جو تاريخ ۾ مثال نٿو ملي، هڪ ڏينهن ۾ 650 ارب وياج ڏئي رهيا آهيون، پر پريشان نه ٿيو، اسان پنهنجي نبي ﷺ جي ڏسيل رستي تي هلنداسين ته الله برڪت وجهندو.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ هڪ ڪروڙ گهرن جي گهرج آهي، ۽ پگهاردارن وٽ پيسا نه آهن، 50 لک گهرن جو ٽارگيٽ وڏو آهي، پر سيڙپڪارن جو لائينون آهن.

وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان کي پنهنجي آبادي تي ڪنٽرول ڪرڻو پوندو، اسان جي آبادي تمام وڏو اثاثو آهي، مشڪل حالتون آهن پر پوءِ به سيڙپڪار اچي رهيا آهن، ڇا ڪاڻ ته انهن کي خبر آهي ته پاڪستان 21 ڪروڙ عوام جو ملڪ آهي، جنهن ۾ 60 سيڪڙو آبادي 30 سال عمر کان گهٽ آهي.

عمران خان وڌيڪ چيو ته اڄ تائين ڪچين آبادين بابت ڪنهن به نه سوچيو، ڪراچي ۾ 40 سيڪڙو ماڻهو ڪچي آبادي ۾ رهندا آهن، ڪچي آبادي ۾ رهندڙن وٽ ڪا به سهولت موجود نه آهي، ڪچين آبادين ۾ فليٽ ٺاهيا ويندا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here