بدين:مورجهر حادثي جي زخمي عورت دم ڏئي ڇڏيو، فوتين جو انگ 9 ٿي ويو

19
0
SHARE

بدين:مورجهر حادثي جي زخمي عورت دم ڏئي ڇڏيو، فوتين جو انگ 9 ٿي ويو، اسلام ڪوٽ ۽ مٺي کان ڪراچي ويندڙ تيز رفتار اي سي ڪوچ بدين کان 10ڪلو ميٽر پري فتح آباد ڀرسان موٽر سائيڪل سوار کي بچائيندي ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا، فوتين ۾ پرڪاش پٽ سترام، رمضان، عبدالله ميمڻ، مسمات زينب زال حاجي ھارون، پترت پٽ چاندو مل، بيو شيم پٽ تيرت، ھڪ مھيني جي معصوم ٻارڙي انيا ڌيءَ رضوان کٽي، ڪوچ ڊائيور فوتين ۾ شامل آهن، حادثي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا، جن کي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو، جن مان هڪ عورت ياسمين کٽي حيدرآباد جي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي. جنهن بعد فوتين جو انگ 9 ٿي ويو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here