رينٽل پاور ۽ ڪارڪي پاور ريفرنسز ۾ اهم اڳڀرائي، اڳوڻو سيڪريٽري شاهد رفيع گرفتار

17
0
SHARE

رينٽل پاور ۽ ڪارڪي پاور ريفرنسز ۾ اهم اڳڀرائي، نيب پاڻي ۽ بجلي واري اڳوڻي سيڪريٽري شاهد رفيع کي گرفتار ڪري ورتو، نيب ذريعن موجب شاهد رفيع کي اسلام آباد ۾ سندس گهر مان گرفتار ڪيو ويو آهي، جتان اهم دستاويز به قبضي ۾ ورتا ويا آهن، نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته شاهد رفيع کي ڪارڪي پاور ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، کيس نيب راولپنڊي جي آفيس منتقل ڪري پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي، نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته گرفتار اڳوڻو سيڪريٽري شاهد رفيق رينٽل پاور جي وڌيڪ 11 ريفرنسز ۾ به جوابدار نامزد آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته شاهد رفيق جي گرفتاري دوران سندس ناٺي راجا دانيال نيب عملدارن سان مزاحمت ڪئي، هٿياربند گارڊز سان گڏجي نيب کي آفيسرن کي هراسان ڪيو، جنهن بعد نيب سندس خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته راجا دانيال اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف جو ويجهو مائٽ ۽ شاهد رفيق جو ناٺي آهي، نيب ضلعي انتظاميه سان رابطو ڪري راجا دانيال خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here