اصغر خان ڪيس جو اهم ڪردار يونس حبيب لاڏاڻو ڪري ويو

12
0
SHARE

اصغر خان ڪيس جو اهم ڪردار يونس حبيب لاڏاڻو ڪري ويو، مهراڻ بينڪ جو اڳوڻو سربراهه يونس حبيب ڪافي عرصي کان عليل هو ۽ 13 ڏينهن اڳ کيس ڪراچي جي آغا خان اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي اڄ 78 ورهين جي ڄمار لاڏاڻو ڪري ويو، يونس حبيب جي پٽ طارق والد جي فوتگي جي تصديق ڪندي چيو ته يونس حبيب ڪينسر جي بيماري سان جهيڙي رهيو هو، يونس حبيب اصغر خان ڪيس جو اهم ڪردار هو، آءِ جي آءِ ٺاهڻ لاءِ مختلف سياستدانن کي رقمون ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ڪيو، ان وقت يونس حبيب مهراڻ بينڪ جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر هو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here