ٺل: پنجاب مان اغوا ٿيل ناري پٽ سوڌو بازياب

18
0
SHARE

ٺل پوليس پنجاب مان مبينا طور اغوا بعد زبردستي پرڻايل ناري کي ٽن ورهين جي پٽ سوڌو بازياب ڪرائڻ ۽ ساڻس نڪاح ڪندڙ جوابدار سميت ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، باهو کوسو ٿاڻي جي پوليس موجب ڳوٺ عبدالمجيد کوسو ۾ هڪ گهر تي ڇاپو هڻي ناري صائمه ۽ سندس ٽن سالن جي پٽ کي بازياب ڪرايو ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته ناري کي رسن سان ٻڌو ويو هو، ناري سان زبردستي نڪاح ڪندڙ منير احمد کوسو ۽ سهڻو کوسو کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ناري صائمه پوليس کي ٻڌايو ته جوابدار منير کوسو کي نشو ڏئي ملتان مان پٽ سوڌو اغوا ڪري آيو هو ۽ ٺل آڻي ساڻس زبردستي نڪاح ڪرڻ بعد لڄالٽ جو نشانو بڻايو، ناري چيو ته مونکي تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد رسن سان ٻڌي ڇڏيندا هئا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here