ڪراچي ۾ ڊاڪٽرن جي غلط علاج سبب وڌيڪ 2 ٻارڙا حياتيون وڃائي ويٺا

19
0
SHARE

ڪراچي ۾ هڪ ٻي ٻارڙي عطائي ڊاڪٽر جي غلط انجيڪشن لڳڻ سبب فوت ٿي وئي. گُلشن اقبال 13 ڊي ۾ ٻارڙي صبا کي ساهه ۾ تڪليف سبب والد ڪلينڪ تي وٺي ويو، جتي پاڻ کي ڊاڪٽر سڏائيندڙ شخص ٻارڙي کي انجيڪشن لڳائي ته اُن کان جلد پوءِ هوءَ فوت ٿي وئي. پوليس جو چوڻ آهي ته رات دير سان ڇاپو هڻي ڪلينڪ جي عطائي ڊاڪٽر کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جناح اسپتال جي ليڊي ايم ايل او ڊاڪٽر ذڪيا ٻارڙي جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، پوليس جو چوڻ آهي ته ٻارڙي جو لاش رات کان جناح اسپتال جي سرد خاني ۾ رکيل آهي. پوليس موجب ٻارڙي جي پوسٽ مارٽم جي رپورٽ اچڻ کانپوءِ ڪيس داخل ڪيو ويندو، جنهن ڊاڪٽر ٻارڙي صبا کي انجيڪشن لڳائي، اُن کي ته ڊاڪٽريٽ جي ڊگري جو به پتو نه هو. ٻئي پاسي ٻارڙي صبا جي والد ظفر اقبال جو چوڻ آهي ته ٻارڙي کي کنگهه، زڪام ۽ ساهه ۾ تڪليف سبب ڪلينڪ تي وٺي آيو، جتي ڊاڪٽر طرفان انجيڪشن لڳائڻ کانپوءِ سندس وات مان جهڳ نڪري رهي هئي. ڊاڪٽر ٿوري دير کانپوءِ چيو ته کيس ٻي اسپتال وٺي وڃو.

ٻئي پاسي ملير جي ڳوٺ ارشد جوکيو جي رهواسي 3 مهينن جي معصوم نينگر کي ڪاري ڪامڻ وگهي ڪالا بورڊ ڀرسان نجي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، جتي ڊاڪٽرز جي مبينا غلط علاج سبب نينگر جي دماغ تي اثر پيو ۽ وارثن چيو ته نينگر تڪليف مان روئيندو هو ته ڊاڪٽر علاج ڪرڻ بدران کيس بيهوشي جي انجيڪشن لڳائي ڇڏيندو. جنهن جي ڪري ٻارڙي حُنين جي هڪ اک ضايع ٿي وئي ۽ سندس حالت خراب ٿي ويئي هئي. نجي اسپتال جي ڊاڪٽرز جي مبينا غفلت جو شڪار ٿيل ٻارڙو هُنين حياتي وڃائي ويٺو آهي. فوت ٿيل ٻارڙي جي وارثن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽرز کيس هاءِ ڊوز ڏئي ڇڏيو هو، جنهن جي ڪري سندس دماغ ناڪاره ٿي ويو. واضح رهي ته ٻارڙي حُنين کان اڳ مسيحائن جي سنگين لاپرواهي جي ڪري نشوا ۽ بلاول ڪالوني جو ٻاررو فوت ٿي چڪا آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here