پاڪستان ۽ چين آزاد واپار سوڌو 6 ٺاهن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪري ڇڏيون

20
0
SHARE

پاڪستان ۽ چين آزاد واپار  سوڌو 6 ٺاهن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن،  وزيراعظم جي واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود چيو آهي ته معاهدي سان پاڪستان لاءِ واپار جا دروازا کلي ويا، معاهدي کانپوءِ پاڪستان کي آسيان ملڪن جي طرز تي رعايت هوندي.

وزيراعظم عمران خان جي چين جي دوري کانپوءِ جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪ چين وزيراعظمن جي موجودگيءَ ۾ معاهدن ۽ ايم او يوز تي صحيحون ڪيون ويون آهن جڏهن ته آزاد واپار ۾ معاهدن جي ٻئي مرحلي جي به منظوري ڏني وئي آهي.

 پاڪستان ريلوي جي ايم ايل ون منصوبي جي پهرين فيز جي ڊيزائن ۽ حويليان ۾ سي پيڪ تحت ڊرائي پورٽ قائم ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي.

ملاقاتن ۾ سامونڊي سائنس ۾ سهڪار وڌائڻ جي ايم او يو تي به صحيحون ڪيون ويون.

 وزيراعظم عمران خان چين جي دوري دوران چيني صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ سان ملاقات ڪئي، وزيراعظم عمران خان جون چيني صدر ۽ وزيراعظم سان بيجنگ ۾ الڳ الڳ ملاقاتون ٿيون. ملاقاتن دوران ٻنهي ملڪن ۾ سياحت کي هٿي ڏيڻ ۽ واپاري سرگرميون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

بيجنگ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم جي واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود چيو ته آزاد واپاري معاهدي سان پاڪستان لاءِ واپار جا دروازا کلي ويا، معاهدي کانپوءِ پاڪستان کي آسيان ملڪن جي طرز تي رعايت هوندي.

هن چيو ته پاڪستان جي 90 سيڪڙو برآمد تي چين کي ڊيوٽي فري رسائي ممڪن هوندي.

عبدالرزاق دائود چيو ته ڊيوٽي جي ڇوٽ رڳو ٽيڪسٽائيل شين تائين محدود ناهي پر ڪيميڪل، انجنيئرنگ، فوڊ آئٽمز، فٽ ويئر ۽ پلاسٽڪ جي شين جي برآمد تي به ڊيوٽي فري هوندي…..

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here