وارهه ۾ سڳن ڀائرن جي خون جو جرڳو، جوابدار ڌر تي 30 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو

21
0
SHARE

وارهه ۾ سڳن ڀائرن جي خون جو جرڳو ڪيو ويو آهي، جوابدار ڌُر تي 30 لک رُپيا ڏنڊ رکي معاملو ختم ڪيو ويو. شهر جي لطيف ڪالوني ۾ 15 ڏينهن اڳ هٿياربندن گهر تي حملو ڪري ٻن سڳن ڀائرن سفير ۽ شبير چنو کي قتل ڪري ڇڏيو هو. لاڙڪاڻي ۾ منظور حسين چولياڻي جي سرپنچي ۾ ٻنهي سڳن ڀائرن جي قتل جو جرڳو ٿيو، جنهن دوران طارق حسين رڌاڻي، سلطان مارفاڻي، رستم مارفاڻي، مرزاڻي چانڊيو ۽ مجيب الرحمان گرگيج سوڌو ڌُرين جي چڱن مڙسن به شرڪت ڪئي. جرڳي ۾ ڌُرين جا موقف ٻڌڻ کانپوءِ سرور ڪارڙو چانڊئي جي ڌُر تي في خون جي بها 15 لک رُپيا ڏنڊ رکيو ويو، اهڙي ريت ٻن ڀائرن جي قتل جو مجموعي طور ڏنڊ 30 لک رُپيا رکيو ويو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here