ڪراچي:نشوا جي وارثن جو انصاف نه ملڻ تي جوهر موڙ وٽ احتجاجي ڌرڻو

19
0
SHARE

دار الصحت اسپتال جي  ڊاڪٽرن جي لاپرواهي سبب فوت ٿي ويل معصوم نشوا جي وارثن انصاف نه ملڻ تي جوهر موڙ تي ڌرڻو هڻي ڇڏيو، ٻارڙي جي پيءُ جو چوڻ آهي ته وڏي وزير جي حڪم باوجود اسپتال انتظاميا خلاف ڪارروائي نه ٿي، ڇا اسپتال جو مالڪ  گورنر ۽ وڏي وزير  کان به سگهارو آهي، انصاف ملڻ تائين احتجاج جاري رهندو.

ڪجهه ڏينهن پهرين دارالصحت اسپتال ۾ڊاڪٽرن پاران غلط انجيڪشن سان 9 ورهين جي معصوم نشوا جي حالت خراب ٿي وئي هئي جنهن کانپوءِ هو فوت ٿي وئي.

نينگري جي پيءُ قيصر علي پريس ڪانفرنس ڪندي 3 مطالبا پيش ڪيا هئا جنهن ۾ هن حڪومت کي 27 اپريل تائين وقت ڏنو هو ، مطالبا نه مڃڻ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.

قيصر علي جي قيادت ۾ جوهر موڙ وٽ ڌرڻو  هلندڙ آهي، شهري ۽ سول سوسائٽي جا ماڻهو به وڏي انگ ۾ ڌرڻي ۾ شريڪ آهن.

ان موقعي تي ٻارڙي جي پيءُ جو چوڻ هو ته حڪومت غير رجسٽرڊ اسپتالن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي، هي مسئلو صرف نشوا جو ناهي پر ڊاڪٽرن جي لاپرواهي سبب  وڌيڪ 2 ٻارڙا پڻ فوت ٿي چڪا آهن.

هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير واعدو ڪيو هو ته اسپتال جي مالڪ کي گرفتار ڪيو ويندو پر اڃا  تائين گرفتار نه ٿي سگهيو آهي، سوال آهي ته ڇا گورنر ۽ وڏي وزير کان به اسپتال جو مالڪ وڌيڪ سگهارو آهي جوان جي خلاف ڪارروائي نه پئي ٿئي…..

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here