ڪراچي ۾ رٿيل پي ٽي آءِ جو جلسو بدنظمي جو شڪار، پٿراءُ ۽ ڪرسين سان حملا

22
0
SHARE

ڪراچي ۾ رٿيل پي ٽي آءِ جو جلسو بدنظمي جو شڪار ٿي ويو، ڪپتان جي ڪاررڪنن پاران هڪ ٻئي تي پٿراءُ ڪرڻ ۽ ڪرسون هڻڻ ڪري ڪيترائي ڪارڪن زخمي ٿي پيا.

ڪراچي جي گلشن اقبال واري علائقي ۾ پي ٽي آءِ جي 23هين يوم تاسيس جي سلسلي ۾ ڪوٺايل جلسو بدنظمي جو شڪار ٿي ويو.

جلسي ۾ بدنظمي شروع ٿيندي ئي ڪارڪنن هڪ ٻئي تي پٿراءُ شروع ڪري ڏنو ۽ ڪرسيون اڇلائڻ شروع ڪري ڏنيون، جنهن سبب 5 کان وڌيڪ ڪارڪن زخمي ٿي پيا.

جلسي ۾ ڪارڪنن پاران خرم شير زمان ۽ حليم عادل شيخ خلاف نعريبازي پڻ ڪئي، جنهن ڪري اڳواڻ تقرير ڪرڻ کان بغير واپس موٽي ويا.

جلسو بدنظمي جو شڪار ٿيڻ کانپوءِ ميڊيا کي ڪوريج کان به روڪيو ويو……

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here