حيدرآباد ۾ معذورن لاءِ مقرر ڪيل 5 سيڪڙو ڪوٽا تي عمل نه ٿيڻ خلاف 29 هين ڏينهن به احتجاج

183
0
SHARE

حيدرآباد ۾ اسپيشل سوشل ويلفيئر آرگنائيزيشن پاران معذورن لاءِ مقرر ڪيل 5 سيڪڙو ڪوٽا تي عمل نه ٿيڻ خلاف 29 هين ڏينهن به احتجاج جاري رکندي علامتي بک هڙتال ڪئي وئي.رفيق راجپوت، فوزيه شاهد، شاهد غوري، بنش ناز ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان بک هڙتال ڪري نعريبازي ڪئي وئي.ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن پاران سرڪاري ادارن ۾ معذورن لاءِ  5 سيڪڙو ڪوثا مقرر ٿيل آھي پر ان تي عمل نه ٿي رهيو آهي.هنن وفاقي توڙي سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته معذر ڪوٽا تي عمل ڪرائي معذورن کي نوڪريون ڏئي کين رليف فراهم ڪيو وڃي…..

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here