” عينڪ والا جن“ جي “بل بتوڙي” نصرت آرا ڊگهو عرصو بيمار رهڻ کانپوءِ لاڏاڻو ڪري وئي

297
0
SHARE

لاهور: پاڪستان ٽيليويزن جي مشهور ڊرامي ” عينڪ والا جن“ ۾ بل بتوڙي جي ڪردار سان عالمي شهرت ماڻيندڙ اداڪارا نصرت آرا ڊگهو عرصو بيمار رهڻ کانپوءِ لاڏاڻو ڪري وئي،ناليواري اداڪارا نصرت آرا ڊگهي عرصي کان بيمار هئي، طبيعت وڌيڪ خراب ٿيڻ جي ڪري کيس ڪراچي جي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو هو پر سندس صحت ۾ سڌارو نه اچي سگهيو ۽ هوءَ مالڪ حقيقي سان وڃي ملي. نصرت آرا ڊراما سيريل ” عينڪ والا جن“ ۾ ” بل بتوڙي“ جو ڪردار ادا ڪيو، اهو ڪردار ايترو ته مقبول ٿيو،جيڪو نصرت آرا جي سڃاڻپ بڻجي ويو، ماڻهن کي اڄ ڏينهن تائين سندس اصلي نالي جي خبر ئي ناهي ۽ کيس ” بل بتوڙي“ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو،. شهرت ۽ مقبوليت باوجود نصرت آرا زندگي جو آخري وقت تمام گهڻي غربت ۾ گذاريو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here