جيڪب آباد ڀرسان ويگن ڪلٽي،عورت فوت، 8 ڄڻا زخمي

29
0
SHARE

جيڪب آباد: جيڪب آباد ڀرسان تيز رفتار مسافر ويگن ڊرائيور جي ضابطي مان نڪري ڪلٽي ٿي پئي، جنهن نتيجي ۾ هڪ عورت فوت، 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا.ڳڙهي خيرو ويندڙ ويگن  رتو ديرو ڏانهن ويندڙ ويگن کي اورٽيڪ ڪرڻ دوران مولاداد وٽ حادثي جو شڪار ٿي وئي، حادثي جي نتيجي ۾ مسمات حرمت خاتون ٿڏي تي فوت ٿي وئي. جڏهن ته عبدالرزاق اوڍاڻو، خادم حسين،  منظور احمد  ميرالي، عابد عمراڻي ۽ سراج احمد سومرو سميت ٻيا زخمي ٿي پيا.اطلاع ملڻ بعد پوليس  واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي پوليس موبائيل ۾ کڻائي اسپتال پهچايو.اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي ته حادثي جي زخمين جي حالت ڳڻتي کان ٻاهر آهي، جڏهن ته فوتي عورت جو مڙهه پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو تيز رفتاري سبب پيش آيو آهي، جنهن بابت جاچ ڪئي پئي وڃي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here