ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ مفادن جي سياست ڪري رهيون آهن: بلاول ڀٽو زرداري

33
0
SHARE

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته تاريخ شاهد آهي ته هر دور ۾ ڪربلا برپا ٿيندي آهي، ان تاريخي حقيقت کي پ پ وارن کان وڌيڪ ڪير ڄاڻي سگهي ٿو؟ هو اڄ جي يزيدن ۽ آمرن جي جهولي ۾ پلجندڙن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا.

حيدرآباد ۾ 18 آڪٽوبر سانحي جي شهيدن کي خراج پيش ڪرڻ لاءِ جلسو ڪوٺايو ويو، ان موقعي تي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هي محرم جو مهينو آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ قوم ڪربلا جي شهيدن جي ياد تازي ڪئي.

هن چيو ته پ پ کي پنهنجي قائم ٿيڻ کان وٺي هن وقت تائين جيترن امتحانن مان گذرڻو پيو آهي، ان جو ملڪي تاريخ ۾ مثال نه ٿو ملي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ ڪارڪنن ڪوڙا کاڌا ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ڦاهي جي ڦندي کي چمي ڏني، ان جو ڪو مثال ملي ٿو؟  ڪجهه اهڙا به جيالا هئا، جن پاڻ کي ساڙي احتجاج رڪارڊ ڪرايو.

هن چيو ته ضياءَ الحق جهڙي آمر ۽ غاصب سمجهيو پئي ته پ پ ختم ٿي وئي ۽ هاڻي کيس ڪير به للڪارڻ وارو نه آهي پر ان وقت بيگم نصرت ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو عوامي جدوجهد جون واڳون سنڀالي ورتيون.

بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته جڏهن پيءُ عوام جو ساٿ نه ڇڏيو ۽ ڦاهي کان نه ڊنو ته سندس ڌيءَ ڪيئن عوام کان منهن موڙي پئي سگهي؟  ضياءُ جي خون خوار آمريت آڏو جيالا سينو تاڻي بيهي رهيا.

هن چيو ته هڪ پاسي پيپلز پارٽي هئي ته ٻئي پاسي آمريت جي جهولي ۾ پلجندڙ پارٽيون هيون، پ پ جي جيالن ايوبي آمريت سميت هر آمر جي ظلم جبر جو ڀرپر مقابلو ڪيو.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 18 آڪٽوبر تي محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي ماڻهن سان ملڻ لاءِ ڪراچي پهتي ته امن جي قافلي تي دهشتگرد حملي دوران 200 ڪارڪن شهيد ٿي ويا ۽ ڪراچي مان جنازا سڄي ملڪ تائين پهتا.

هن چيو ته سياسي تاريخ جي سڀ کان وڏي دهشتگرد حملي باوجود شهيد بينظير جو عزم ڪمزور نه ٿيو.  سلام انهن ڪارڪنن کي جيڪي پهرين ڌماڪي باوجود ڀڄي نه ويا، انهن ئي جيالن جي قرباني سبب محترمه ان حملي ۾ محفوظ رهي پر قاتلن سندس پيڇو نه ڇڏيو ۽ راولپنڊي ۾ شيطاني قوتن کيس شهيد ڪيو، جمهوريت خلاف سازشون اڃا تائين ختم نه ٿيون آهن.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ن ليگ ۽ تحريڪ انصاف رڳو پنهنجي مفادن جي سياست ڪري رهيون آهن، انهن وٽ عوام لاءِ ڪجهه به نه آهي، ٻئي پارٽيون خاندانن خاطر وطن کي قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهن.

هن چيو ته ن ليگ رڳو هڪ فرد کي بچائڻ لاءِ قانون جوڙي رهي آهي، قومي ادارا تباهه ٿي رهيا آهن، سنڌ ۾ وفاقي سرڪار جا هڪ اڌ منصوبا اڃا تائين مڪمل ڇو ناهن ٿيا؟

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن ڪرپشن جو خاتمو ڪرڻو آهي ته استحصالي نظام کي بدلائڻو پوندو، ڪرپشن ڳريل سڙيل ۽ استحصالي نظام جي علامت آهي.

هن چيو ته ن ليگ جي استحصالي نظام ۾ امير وڌيڪ امير ۽ غريب وڌيڪ غريب ٿي رهيو آهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ميان صاحب چئي رهيو آهي ته سنڌ کنڊر بڻجي وئي آهي، ن ليگ وارا ٻڌي ڇڏين ته سنڌ کي لطيف جي دعا آهي، کنڊر سنڌ نه پر مسلم ليگ ن جي سياست بڻجي ويندي.

هن چيو ته ن ليگ ڪوڙن واعدن ۽ پروپيگنڊا ڪرڻ جي ماهر آهي، ايم ڪيو ايم کان ووٽ خريدڻ لاءِ 30 ارب جو واعدو ڪيو ۽ نوان جتوئي ۾ به وزيراعظم ڪوڙا واعدا ڪيا.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ميان صاحب 4 ڀيري سنڌ آيو ۽ اربين رپين جا اعلان ڪيا پر اهي پئسا ڪيڏانهن ويا؟ ٿر لاءِ به 2 ارب رپين جو اعلان ڪيو، انهن جي به ڪا خبر نه آهي.

هن چيو ته سپر هاءِ وي کي کسي موٽر وي ٺاهيو پيو وڃي، جيڪو اڃا تائين مڪمل ناهي ٿيو، جتي قيمتي جانيون حادثن ۾ ضايع ٿي رهيون آهن.

پ پ چيئرمين چيو ته ارسا جي غير منصفاڻي ورڇ سبب سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي به نه ٿو ملي پر جڏهن پاڻي وڌيڪ ٿيندو آهي ته ڊئم کولي سنڌ کي ٻوڙيندا آهن، اهو ڪٿان جو انصاف آهي؟

هن چيو ته هڪ شخص ڪرڪيٽ جي ميدان کان ٻاهر ناهي نڪري سگهيو، تبديلي جون ڳالهيون ڪندڙ عمران صوبي ۾ هڪ اسپتال به ٺهرائي نه سگهيو آهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ جمهوري ۽ انصاف تي ٻڌل سماج قائم ڪرڻ چاهي ٿا، هو غريبن، هارين ۽ پورهيتن جو ليڊر آهي، سندس نظر ۾ سياست عبادت آهي.

هن چيو ته سنڌ ۾ جيڪي به ڪم ٿيا، اهي پ پ حڪومت ڪرايا، واٽر ڪورس پڪا ڪرڻ سان گڏ تعليم ۽ صحت جي شعبي ۾ به سڌارا آندا پيا وڃن.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي اڄ جي يزيدن آڏو ڪنڌ نه جهڪائيندي ۽ نه ئي آمرين جي جهولي ۾ پلجندڙن سياستدانن کي ڪامياب ٿيڻ ڏنو ويندو؟  عظيم مقصد لاءِ ڏنل شهيدن جون قربانيون ضايع ٿيڻ نه ڏنيون وينديون…….

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here