احتساب جمهوريت جو حصو آهي، احتساب کانسواءِ جمهوريت ناهي هلندي: پ پ چيئرمين

50
0
SHARE

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته احتساب جمهوريت جو حصو آهي، احتساب کانسواءِ جمهوريت ناهي هلندي، عمران خان جو مستقبل اصغر خان جهڙو ٿيندو.ٽنڊي محمد خان جي شو مندر ۾ هندو برادري جي ڏياري جي تقريب ٿي، جنهن ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو شخصيتن نه پر پاليسين سان اختلاف رکندو آهي، عمران خان سان اختلاف به پاليسين تي آهن.هن چيو ته عمران خان هر موقعي تي جمهوريت مخالف قدم کنيا، 2014ع دوران جمهوري نظام تي حملو ڪندڙن ۾ عمران خان سڀني کان اڳتي هو.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان ڪي پي ۾ عورتن خلاف بل منظور ڪرايو، پي ٽي آءِ سربراهه عورتن جي حقن جي خلاف آهي، عائشا گلالائي به مٿس سنگين الزام هنيا.هن چيو ته عمران خان جي پارٽي فنڊنگ معاملي ۾ اسرائيل جو نالو آيو، اهو پڻ سنجيده معاملو آهي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو شهيد ڀٽي ۽ شهيد بينظير جي مشن تي عمل ڪري رهيا آهن، سنڌ سرڪار سنڌ کي خوشحال بڻائيندي.هن چيو ته اقليتن لاءِ جيترو ڪم پ پ ڪيو، اهو ڪنهن به ناهي ڪيو، هندو ميرج بل منظور ڪرائڻ سندن انقلابي قدم هو.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته انساني خدمت ۽ انفرا اسٽرڪچر سندن ترجيح آهي، ڪراچي کان گمبٽ تائين هنن ٽراما مرڪز قائم ڪيا، سندن ڪوشش آهي ته هر شهري کي صحت جون بهترين سهولتون ڏيون……

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here