آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پاران آرمي ميڊيڪل سينٽر ايبٽ آباد جو دورو

35
0
SHARE

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا آرمي ميڊيڪل سينٽر ايبٽ آباد جو دورو ڪيو.

آءِ ايس ي آر موجب جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته آرمي چيف دوري دوران سرجن ليفٽيننٽ جنرل زاهد حميد کي ڪرنل ڪمانڊنٽ آرمي ميڊيڪل ڪور جا بيج لڳايا.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ميڊيڪل ڪور جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي.

پڌرائي موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا دوري دوران شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري گل پڻ چاڙهيا.

ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا آفيسرن ۽ جوانن کي خطاب ڪندي چيو ته انساني جانين جي بچاءُ لاءِ آرمي ڪور جو اهم ڪردار آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here