آصف علي زرداري نواز شريف جي گرفتاري جو مطالبو ڪري ڇڏيو

205
0
SHARE

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري شريف خاندان جي گرفتاري جو مطالبو  ڪندي چيو آهي ته شريف خاندان کي به احتساب جي ان عمل مان گذاريو وڃي جنهن مان کين گذرايو ويو.

آصف علي زرداري هڪ بيان  چيو آهي ته نواز شريف ۽ سندس خاندان جو وي آءِ پي پروٽوڪول سان احتساب ٿي رهيو آهي.

هن چيو ته شريف ڪٽنب جي هڪ ڏينهن ۾ ضمانت ٿئي ٿي جڏهن ته هـُنن کي اڍائي اڍائي سالن کانپوءِ ضمانت تي آزاد ڪيو ويندو هو.

سندس چوڻ هو ته هـُنن کي پهريان گرفتار ڪيو ويندو هو ۽ تنهن کانپوءِ سندس خلاف هٿ ٺوڪيا ڪيس داخل ڪيا ويندا هئا.

پ پ جي شريڪ چيئرمين چيو ته سندن خلاف جڏهن ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا تڏهن شريف خاندان فرعون بڻيل هو، انهن کي ياد هجڻ گھرجي ته سندن نيب ڇا ڪندو رهيو؟.

سندس چوڻ هو ته هـُنن سيف الرحمان ۽ احتساب بيورو جو احتساب سَـٺو.

هن چيو ته سندن ڪڏهن هڪ هنڌ ته ڪڏهن ٻئي هنڌ ٽرائل ڪيو ويو ڪاش شريف ڪٽنب سان به ايئن ٿئي.

هن چيو ته گاڊ فادر لنڊن مان ويهي مفاهمت جا ڳجها پيغام موڪلي رهيو آهي جن کي هـُنن رد ڪري ڇڏيو آهي.

آصف علي زرداري چيو ته نواز شريف هاڻي نه وزيراعظم آهي ۽ نه ئي وٽس ڪو حڪومتي عهدو آهي کيس ڊڄ آهي ته نواز شريف ۽ ان جا سا ٿي سيسلين مافيا وارو ڪم نه ڪري رهيا هجن ڇو ته سيسلين مافيا پاور گيم کيڏندو هو ۽ ان سان گڏ هزارين غلط ڪم پڻ ڪندو هو………….

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here