سينيٽ چونڊ سڌارن جو ترميمي بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو

376
0
SHARE

اسلام آباد: سينيٽ چونڊ سڌارن جو ترميمي بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو آهي.تحريڪ انصاف جي ميمبر شبلي فراز چونڊ سڌارن وارو ترميمي بل ايوان ۾ پيش ڪيو.بل جي منظوري لاءِ ووٽنگ ڪرائي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ بل جي حمايت ۾ 49 ۽ مخالفت ۾ رڳو 18 ووٽ پيا.سينيٽ پاران منظور ڪيل چونڊ سڌارن واري ترميمي بل جي متن موجب ڪو به نااهل شخص پارٽي جو سربراهه نه ٿو بڻجي سگهي.چونڊ سڌارن واري بل جي حمايت ۾ پيپلز پارٽي، تحريڪ انصاف، قاف ليگ ۽ جماعت اسلامي جي ميمبرن ووٽ ڏنا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here