پاڪ –ڀارت ڊي جي ايم اوز ۾ هاٽ لائين تي رابطو،سرحدي معاملن تي ڳالهيون

174
0
SHARE

راولپنڊي:پاڪستان ايل او سي تي شهري آبادي کي نشانو بڻائڻ جي مذمت ڪندي ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي.پاڪستان جي ڊي جي ملٽري آپريشنز ميجر جنرل ساحر شمشاد مرزا هاٽ لائين تي ڀارتي هم منصب سان رابطو ڪيو.، جنهن دوران سرحدي معاملا ويچار هيٺ آيا.آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان جي ڊي جي ملٽري آپريشنز ايل او سي تي شهري آبادي کي نشانو بڻائڻ تي سخت احتجاج ڪيو.ميجر جنرل ساحر شمشاد مرزا جو چوڻ هو ته ڀارتي فوجي ڄاڻي واڻي ٻارن سميت شهرين کي نشانو بڻائي رهيا آهن، اهڙا قدم 2003ع جي جنگبندي ٺاهه جي ڀڃڪڙي آهن.هن چيو ته پاڪ فوج پروفيشنل فوج آهي، جيڪا شهري آبادي کي نشانو ناهي بڻائيندي، ايل او سي تي سرحد ڀرسان رهندڙ سندن ڀائر آهن.ڊي جي ملٽري آپريشن ميجر جنرل ساحر شمشاد مرزا چيو ته پاڪ فوج شهري آبادي تي حملي جو سوچي به نه ٿي سگهي، ڀارت جي چڙ ڏياريندڙ ڪاررواين تي کين ڳڻتي آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here