چمبڙ ڀرسان پراسرار بيماري سبب ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو بند ناهي ٿي سگهيو

82
0
SHARE

چمبڙ ڀرسان پراسرار بيماري سبب ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو بند ناهي ٿي سگهيو، وڌيڪ هڪ ٻارڙو فوت ٿيڻ کانپوءِ ڪجهه ڏينهن اندر فوتي ٻارڙن جو انگ 6 ٿي ويو آهي.چمبڙ ۾ پراسرار بيماري وگهي ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو صحت کاتي پاران نوٽيس نه وٺڻ ڪري بيماري شدت اختيار ڪري وئي آهي.مريد موري ۾ پراسرار بيمار سبب اڄ وڌيڪ هڪ نينگري عميما ڌيءُ عمر لنڊ فوت ٿي وئي جنهن کانپوءِ ڪجهه ڏينهن اندر فوت ٿيل ٻارڙن جو انگ 6 ٿي ويو آهي.صحت کاتي پاران بيماري جي روڪ ٿام لاءِ ڪي به جوڳا اپاءَ نه وٺڻ ڪري علائقي ۾ خوف واري صورتحا پکڙيل آهي.علائقي واسين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته پراسرار بيماري جو فوري طور نوٽيس وٺي اسپيشل ٽيمون موڪلي ٻارڙن جون حياتيون بچايون وڃن.

 

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here