قومي اسيمبليءَ چونڊ سڌارن وارو ترميمي بل منظور ڪري ورتو

12
0
SHARE

قومي اسيمبليءَ چونڊ سڌارن وارو ترميمي بل منظور ڪري ورتو، اپوزيشن پاران بل جي مخالفت ڪندي سخت احتجاج ڪيو ويو.قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ شروع ٿيو، جنهن ۾ قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد چونڊ سڌارن وارو ترميمي بل 2017 پيش ڪيو.چونڊ سڌارن وارو بل ايوان ۾ پيش ٿيندي ئي مخالف ڌر پاران سخت احتجاج ڪيو ويو.اپوزيشن ميمبرن اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءُ ڪري ورتو، جنهن دوران ڇتي نعريبازي پڻ ڪئي وئي ۽ ايجنڊه جون ڪاپيون ڦاڙيون ويون.اپوزيشن جي احتجاج دوران قومي اسيمبلي چونڊ سڌارن وارو ترميمي بل منظور ڪري ورتو.بل جي متن موجب نااهل شخص کي پارٽي جو عهدو رکڻ تي پابندي ختم ٿي وئي آهي.

 

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here