ڪراچي ۾ پوليس ۽ رينجرز جو سرچ آپريشن، ڪيترن ئي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو

278
0
SHARE

ڪراچي:ڪراچي ۾ پوليس ۽ رينجرز جي سرچ آپريشن دوران ڪيترن ئي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو جڏهن ته پوليس مختلف علائقن مان 5 ڏوهارين کي سوگهو ڪري ورتو.ناظم آباد جي بڙا ميدان واري علائقي ۾ پوليس ۽ رينجرز  گڏيل  آپريشن ڪيو.پوليس ۽ رينجرز جي اهلڪارن گهر گهر جهڙتي پڻ ورتي.آپريشن دوران ڪيترن ئي اڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو.هوڏانهن مبينا ٽائون پوليس ڪارروائي دوران ٻن ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو.پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته گرفتار ڪيلن وٽان ڦر ڪيل سامان پڻ هٿ ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف پوليس خميسي ڳوٺ ۽ گلشن چورنگي واري علائقي مان ٽن ڌوهارين کي گرفتار ڪري پڇاڳاڇا لاءِ اڻڄاڻايل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here