وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته پرويز مشرف ڪارو قانون متعارف ڪرايو

472
0
SHARE

وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته پرويز مشرف ڪارو قانون متعارف ڪرايو، جنهن جو شڪار نواز شريف به ٿيو، ن ليگ پ پ بانيءَ جي قانون کي بحال ڪيو آهي.اسلام آباد ۾ ن ليگ جي پارٽي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته ايوب خان سياسي جماعتن کي نقصان رسائڻ لاءِ قانون ۾ ترميم ڪئي.هن چيو ته  سندن قيادت هر ڏکيائي کي منهن ڏنو آهي.ڍ احسن اقبال  چيو ته  نواز شريف پاڪستان جي ترقي جي علامت آهي.وفاقي وزير چيو ته جمهوريت ڪمزور هوندي ته ملڪ ترقي نه ڪري سگهندو.هن چيو ته  سپريم ڪورٽ کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ وارا ملڪ ۽ آئين جا دشمن آهن.سندس چوڻ هو ته ڊو مور جو مطالبو ڪندڙن کي جنرل ڪائونسل جو پيغام آهي ته نو ڊومور، نواز شريف جي شرافت سبب سندن ان سان چاهه آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here