وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته سندن خلاف 28 جولاءِ تي فيصلو آيو

14
0
SHARE

وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته سندن خلاف 28 جولاءِ تي فيصلو آيو، جنهن کي قبوليو ويو، پر ان فيصلي کي تاريخ ۽ عوام نه ٿو قبولي.اسلام آباد ۾ ن ليگ جي جنرل ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته جنهن نموني اڄ نواز شريف جي حق ۾ فيصلو آيو پورو يقين آهي ته چونڊن ۾ به عوام ن ليگ ۽ نواز شريف جي حق ۾ فيصلو ڏيندووزير اعظم چيو ته هو ان ڳالهه جي دعويٰ ٿو ڪري ته جيڪا آمريت 8 سال ملڪ تي مڙهيل رهي اها پنهنجا ڪم ڏيکاري؟ ٽيليويزن تي ڳالهيون ڪندڙ آمريت جا 8 سال ۽ پ پ جا پنج سالن ڏسي وٺن.هن چيو ته جيڪڏهن ن ليگ جا منصوبا ٻين جي نصوبن کان سئو ڀيرا وڌيڪ نه هجن ته هو حڪومت ڇڏڻ لاءِ تيار آهنشاهد خاقان عباسي چيو ته جيڪو مينڊيٽ نواز شريف کي اڄ مليو اهو ئي کيس الڪيشن ۾ به ملندو، ليڊر عوام جي دلين ۾ هوندو آهي اهو عدالتن جي فيصلن سان ختم ناهن ٿيندا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here