اسرائيلي عملدارن سان ڳجهيون ملاقاتون ڪندڙ برطانوي وزير استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

204
0
SHARE

*اسرائيلي عملدارن سان ڳجهيون ملاقاتون ڪندڙ برطانوي وزير وزارت تان استيعفيٰ ڏئي ڇڏي. ميڊيا رپورٽن موجب پريتي پٽيل اسرائيکي فوج کي برطانوي ٽيڪس ڏيندڙن جا پيسا به موڪلڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ملاقاتن بابت تڪرار تيز ٿيڻ تي پريتي کي آفريقي دوري تان فوري طور واپس گھرايو ويو. پريتي پٽيل وزيراعظم ٿريسامي سان ملاقات ڪئي جنهن بعد وزيراعظم هائوس سندس استعيفيٰ جو اعلان ڪيو. اعلان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته برطانوي وزير موڪلن دوران اسرائيلي عملدارن سان ڳجهيون ملاقاتون ڪيون جنهن تي کائنس وضاحت طلب ڪئي وئي. پريتي پٽيل جي ڳجهين ملاقاتن کي حڪومت معاملا اورانگهڻ قرار ڏنو ويو جنهن تي پريتي پٽيل معذرت پڻ ڪئي…..

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here