حيدر آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت تانيا خاصخيلي قتل ڪيس ۾ ملوث ٽن جوابدارن کي وڌيڪ ٽن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

18
0
SHARE

حيدر آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت تانيا خاصخيلي قتل ڪيس ۾ ملوث ٽن جوابدارن کي وڌيڪ ٽن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. اي ٽي سي ڪورٽ ۾ تانيا خاصخيلي جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن دوران جهانگارا پوليس ٽن جوابدارن خانو نوحاڻي ، مولابخش نوحاڻي ۽ عالي نوحاڻي کي پيش  ڪيو ويو.ڪيس جي ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر سراج لاشاري عدالت ۾ پيش نه ٿيو، جنهن کانپوءِ  پوليس عدالت کي استعدعا ڪئي ته جوابدارن کي وڌيڪ رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو وڃي. اي ٽي سي ڪورٽ پوليس جي استدعا تي ٽنهي جوابدارن کي ٽن ڏينهن جي رمانڊ تي جهانگارا پوليس حوالي ڪيو ويو.تانيا خاصخيلي قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت پوليس کي هدايت ڪئي ته ايندڙ ٻڌڻي تي ڪيس جو چالان به پيش ڪيو وڃي.ياد رهي ته تانيا خاصخيلي جي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار خان نوحاڻي ۽ مولابخش نوحاڻي جي ٻه ٻه ڀيرا رمانڊ ۾ واڌ ٿي چڪي آهي ۽ سهولتڪاري جي الزام ھيٺ گرفتار ٿيل عالي نوحاڻي کي پهريون ڀيرو رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here