متحده پاڪستان جو اڄوڪو مارچ ملتوي،فاروق ستار شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀريندو

194
0
SHARE

ڪراچي:ايم ڪيو ايم پاڪستان اڄوڪو مارچ ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، ترجمان جو چوڻ آهي ته صرف فاروق ستار شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀريندو.متحده پاڪستان جي سربراهه جي شهداءِ مارچ واري اعلان کي ڪجهه گهڙين کانپوءِ واپس ورتو ويو.ايم ڪيو ايم ترجمان چيو آهي ته شهيدن جي يادگار تي حاضري وارو پروگرام محدود ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڪارڪن ۽ عوام شامل نه هوندو،صرف فاروق ستار ۽ ڪجهه اڳواڻ عمران فاروق ۽ ٻين جي قبرن تي حاضري ڀريندا ۽ فاتحه خواني ڪندا.ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم قيادت ريلي جي ضلعي انتظاميا کان اجازت نه ورتي جنهن سبب مارچ ملتوي ڪيو ويو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here