غوثپور جي ڪچي ۾ زمين تي هر هلائيندڙ ٻن ڄڻن کي هٿياربند اغوا ڪري ويا

142
0
SHARE

غوثپور:غوثپور جي ڪچي ۾ زمين تي هر هلائيندڙ ٻن ڄڻن کي هٿياربند اغوا ڪري ويا.جنگڻ ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربند زمين تي ڪم ڪندڙ ايڇ ايس ٽي محمد اسحاق ۽ ٽريڪٽر ڊرائيور هوت نصيراڻي کي هٿيارن جي زور تي پاڻ سان گڏ وٺي ويا.اطلاع ملڻ تي ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروهي مغوين جي بازيابي لاءِ پوليس اٽالا ساڻ ڪري ڪچي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.مغوين جي وارثن صحافين کي ٻڌايو ته محمد اسحاق ۽ هوت نصيراڻي کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪيو ويو آهي.رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي ڪمشور ٻڌايو ته ٻن ڄڻن جي اغوا واري اطلاع کانپوءِ ڪچي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.هن جو چوڻ هو ته آپريشن جا بهتر نتيجا ملندا، مغوين کي جلد بازياب ڪرايو ويندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here